190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو ٻن ڏينهن اندر چئلينج ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ 190 ملين پائونڊ ڪيس جي فيصلي کي 48 ڪلاڪن اندر چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڏيندڙ جج جي رويي بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو به جائزو ورتو ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) 19 ڪروڙ پائونڊ ڪيس ۾ ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس جي اندروني  ڪهاڻي سامهون اچي وئي جنهن ۾ ڪيس جي فيصلي کانپوءِ سياسي ۽ قانوني آپشنز تي غور ويچار ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي جج جي رويي بابت فيصلي جو به جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب قانوني ٽيم بريفنگ ۾ چيو ته ڪيس جي فيصلي ۾ گهڻو قانوني مونجهارو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ٻڌائيندڙ جج بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ تي غور ڪيو ويو. حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ڳالهين تي ڪور ڪميٽي کي اعتماد ۾ ورتو ويو. ميمبرن مطالبو ڪيو ته ڪور ڪميٽي جو اجلاس هر هفتي سڏايو وڃي ڇاڪاڻ ته اسان کي صرف ميڊيا مان ئي سڀ ڪجهه معلوم ٿيندو آهي ان ڪري ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. ذريعن موجب عاليه حمزه فيصلي کانپوءِ احتجاج نه ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي باني تي به تنقيد ڪئي. عاليا حمزه چيو ته پارٽي فيصلي خلاف احتجاج ڇو نه ڪيو، اسان رڳو باني تحريڪ جي آزادي چاهيون ٿا. ميمبرن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي 8 فيبروري تي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.

  1. گارڊن مان گم ٿيل ٻن ٻارڙن جو پتو نه پيو، وارث پريشان

ڪراچي( رپورٽر) گارڊن مان گم ٿيل 2 ننڍڙن ٻارڙن چئن ورهين جي عليان ۽ 6 ورهين جي علي رضا جو 5 ڏينهن گذرڻ باوجود به پتو ناهي پيو، پوليس سندن ڳولا نه  ڪري سگهي آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته عليان جي ماءُ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ٻارڙي جي جدائي سبب عورت  هوش وڃائي چڪي آهي. واضح رهي ته 5 ڏينهن اڳ گم ٿيل 2 ٻارڙا گهر ٻاهران کيڏي رهيا هئا، ٻن ننڍڙن ٻارن جي اغوا جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي وئي آهي، جڏهن ته نامعلوم مرد ۽ عورت ٻارڙن سميت فرار ٿي ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.