جنگ بندي ی شروع، غزا ۾ حماس جي آجيان، ٽي اسرائيلي وزير مستعفي

غزه (م ڊ)غزه ۾ 15 مهينن کان جاري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي ۽ جنگبندي جي شروعات کان پوءِ فلسطيني مزاحمتي ويڙهاڪن غزه جي روڊن رستن تي گشت ڪيو، جتي شهرين پاران سندن  شاندار استقبال ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري طرفان جاري ڪيل وڊيوز ۽ تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فلسطيني مزاحمت ڪار غزا جي ديرالبلاح ۽ خان يونس جي گهٽين ۾ گشت ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي شهرين سخت نعري بازي ۽ هٿ ٻڌي فلسطيني مزاحمت ڪارن کي سلام پيش ڪيو.   وفا الحبيل انهن بي گهر فلسطينين ۾ شامل آهي جيڪي جنگبندي جي عمل کانپوءِ پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا آهن. نيوز ايجنسي اي ايف پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته خان يونس کان غزه شهر واپسي تي هوءَ ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهي آهي. ‘مان واپس وڃي غزه جي مٽي کي چمڻ چاهيان ٿي. محمد ابو ارماني رائٽرز کي ٻڌايو ته هو رفح جي واپسي جي خوشي کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهي. پر جيڪي ٿيو ان تي اهي ڏاڍا ڏکيا آهن. حماس ٽي يرغمالي ريڊ ڪراس حوالي ڪيا، اسرائيل 90 فلسطينين کي پهرين ڏينهن آزاد  ڪرڻ جي تياري ۾ هو. هوڏانهن امدادي ٽرڪ غزا ۾ داخل ٿي چڪا هئا.  اسرائيل جي سخت گير قومي سلامتي واري وزير اتمر بين گوير ۽ سندس قومپرست مذهبي پارٽيءَ جي ٻن ٻين وزيرن غزه ۾ جنگبندي واري معاملي تي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو جي ڪابينا مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سعودي نشرياتي اداري عرب نيوز جي مطابق، اتمان يهودي ازم پارٽي هاڻي حڪمران اتحاد جو حصو ناهي، پر چيو آهي ته هو نيتن ياهو جي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندي. هڪ بيان ۾ هنن جنگبندي جي معاهدي کي "حماس آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ  ۽ غزه ۾ "سوين قاتلن جي آزادي سڏيندي جنگ ۾ (اسرائيلي فوج جي) حاصلات کي ڇڏي ڏيڻ” جي مذمت ڪئي. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو پنهنجي وزيرن جي استعيفيٰ باوجود اسرائيلي پارليامينٽ ۾ سادي اڪثريت برقرار رکي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.