شعيب ملڪ ۽ ثناءَ جاويد جي شادي کي سال مڪمل، نيون تصويرون وائرل

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ۽ اداڪارا ثناءَ جاويد پنهنجي شاديءَ جون نيون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون.
شادي جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي اداڪارا ثناءَ جاويد شاديءَ جي تقريبن جون ڪجهه تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون آهن.
اداڪارا پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته “ شادي جو هڪ سال مبارڪ هجئي، منهنجي محبت، زندگي اوهان سان انتهائي خوبصورت آهي.“
شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا جي تصويرن لاءِ لنڪ تي ڪلڪ ڪريو
ان تصويرن ۾ نڪاح جي تقريب کانسواءِ مهندي جي تقريب جون تصويرون پڻ شامل آهن.
پوسٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جوڙي جي شادي 17 جنوري 2024ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.