پاڪستان ٽينس لاءِ وڏي خوشخبري

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي شايان آفريدي آءِ ٽي ايف ايشيا 14 ۽ انڊر ڊيولپمينٽ چيمپيئن شپ 2025 کٽي ورتي.
پاڪستان جي شايان آفريدي سريلنڪا جي راڄڌاني ڪولمبو ۾ ٿيل آءِ ٽي ايف ايشيا 14 ۽ انڊر ڊيولپمينٽ چيمپيئن شپ 2025 ويڪ-1 ريجنل براءِ ساؤٿ ايسٽ اينڊ ايسٽ ايشيا ڪواليفائيونگ ايونٽ ۾ فتح حاصل ڪئي.
فائنل ۾ شايان آفريدي ٽورنامنٽ جي سيڪنڊ سيڊ، سنگاپور جي پاڪ نِڪولس منگ اين کي 6-3، 6-7(3) 6-4 جي اسڪور سان شڪست ڏئي ويڪ-1 لاءِ چيمپيئن شپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.
ٽورنامنٽ جي اضافي نتيجن ۾ راشد علي مردن جي ڪيٽيگري ۾ 32 اميدوارن مان 12 هون نمبر حاصل ڪيو
جڏهن ته ڇوڪرين جي ڪيٽيگري ۾ بسمه ضياءَ ۽ هجرا سهيل ساراهڻ جوڳي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 16 پلئيرز ۾ ترتيبوار 6هين ۽ 7هين پوزيشن حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.