ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو مقامي سطح تي تيار ڪيل پهريون سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪليو ويو.
چيني ميڊيا پاڪستان جي مقامي سطح تي تيار ڪيل پهرئين سيٽلائيٽ کي خلا ۾ موڪلڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
چيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته سيٽلائيٽ چين جي جي ڇوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر کان خلا ۾ موڪليو ويو آهي.
سپارڪو ترجمان موجب، پاڪستان جو مقامي سيٽلائيٽ اي او 1 خلا ۾ ترقيءَ ۾ هڪ اهم قدم آهي، جيڪو قدرتي آفتن جي جواب، زراعت ۽ شهري رٿابندن ۾ مدد لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته فوڊ سيڪيورٽي ۽ واٽر مينيجمينٽ جي مدد لاءِ پڻ سيٽلائيٽ استعمال ڪيو ويندو ۽ سيٽلائيٽ ملڪ ۾ قدرتي وسيلن جي نگراني ۾ اضافو ڪندو.
پاڪستان جو مقامي سطح تي تيار ڪيل پهريون سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪليو ويو
Next Post
You might also like