چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ بنگلاديشي ڪوچ جي استعيفيٰ، سبب سامهون اچي ويو

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) چيمپئنز ٽرافي 2025 کان اڳ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اسسٽنٽ ڪوچ نڪ پوٽاس استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
ان ڏس ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه جو چوڻ آهي ته نڪ پوٽاس جو معاهدو 2026 تائين هو ۽ هن ذاتي سببن جي بنياد تي استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ٻئي پاسي نڪ پوٽاس به جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ سان سٺو وقت گذريو، ان سفر ۾ اسان ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙيا، تاريخ ٺاهي ۽ ڪيترن ئي يادگار لمحا گڏ گذاريا.
هن وڌيڪ چيو ته هاڻي گهر ۾ ٿورو جو وقت گذارڻو آهي ۽ ڏسون ٿا ته ايندڙ باب ڪهڙو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.