ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي نياڻين سان محبت ۽ رويي تي کُلي ڳالهايو آهي.
شاهدي آفريدي ويجهڙ ۾ هڪ نجي ٽي وي پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي ڪرڪيٽر پنهنجي ڪيريئر سميت مختلف موضوعن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
نياڻين جي پيدائش بابت پڇيل سوال تي شاهد آفريدي ٻڌايو ته ”جڏهن پهرين ڌيءُ ڄائي مان سيلون ۾ بال وار ٺهرائي رهيو هئس، مون کي ڪال آئي ته ڌيءُ ڄائي آهي، اڄ به ياد آهي جڏهن ننڍي ڀاءُ منهنجي هٿ ۾ اقصيٰ هنج ۾ ڏني ته منهنجا هٿ ڏڪي رهيا هئا، ان کانپوءِ انشاءَ آئي تڏهن به اهڙو ئي احساس ٿيو.“
شاهد آفريدي چيو ته ”شادي ۽ پوءِ ڌيئرن جي پيدائش کانپوءِ مون پنهنجي زندگي کي بدلايو ۽ گهڻو بدلجندي ڏٺو آهي، پر ماءُ جيان اولاد لاءِ وقت ڪڍڻ پيءَ جي به ذميواري آهي، منهنجي نظر ۾ اڄڪلهه جي حالتن ۾ ماءُ کان وڌيڪ پيءُ جي ذميواري آهي.“
ڳالهين دوران شاهد آفريدي هڪ دلچسپ قصو پڻ شيئر ڪيو”جيڪڏهن زال سان ڪڏهن ڏند چڪ ٿيندي آهي ته سڀ نياڻيون ماءُ جون ڀرجهليون ٿي بهينديون آهن، پوءِ مان زال کي ڪجهه ناهي چئي سگھندو. ڪائي به ڌيءُ فيورٽ ناهي، سڀ ڌيئرون پسند آهن.
ياد رهي ته اڳوڻي ڪپتان کي پنج نياڻين جو اولاد آهي جنهن ۾ سڀ کان وڏي ڌيءُ اقصيٰ پوءِ انشاءَ، عجوا، اسمارا ۽ عروه شامل آهن.
You might also like