ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪپتان روهت شرما جي چيمپيئنز ٽرافي جي تقريب لاءِ پاڪستان اچڻ واري معاملي تي بي سي سي آءِسيڪريٽري ديوجيت سائڪيا جو ردعمل سامهون آيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين چونڊيل سيڪريٽري ديوجيت سائڪيا مقامي اخبار سان ڳالهايندي چيو ته هنن کي اهڙي ڪائي تجويز ناهي ملي، هو آءِ سي سي اهڙي قسم جي ڪنهن به ڳالهين جو حصو نه آهن.
ديوجيت چيو ته هيءُ هڪ نازڪ معاملو آهي، سمورن اثرن کي سامهون رکندي ڪو قدم کنيو ويندو، ڀارت کي هن مسئلي جو حل ڳولڻ لاءِ ڪو سمجھوتو يا فارمولا تلاشڻو پوندو.
ميڊيا رپورٽس موجب،آءِ سي سي چيمپئينز ٽرافي جي ميزباني هجڻ ڪري پاڪستان کي ان صورتحال مان فائدو ٿيندو.
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ سڀني ڪپتانن جو روايتي ميڊيا سيشن پاڪستان ۾ ٿيندو ۽ ٽورنامنٽ جي افتتاحي تقريب پڻ ٿيندي جنهن ۾ ميگا ايونٽ ۾ شامل ٽيمن جي ڪپتانن کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.
You might also like