ممبئي (ويب ڊيسڪ) گهر ۾ چوري جي واردات دوران مزاحمت تي چاقوءَ جي وار سان زخمي ٿيندڙ بالي ووڊ نواب سيف علي خان کي ماضيءَ ۾ سندس اڳوڻي گهر واري امريتا سنگهه کي ننڊ جون گوريون ڏنيون هيون.
ڀارتي ميڊيا تي سيف علي خان جي زندگي سان جڙيل هڪ رپورٽ شايع ٿي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هڪ ڀيري امريتا سنگهه سيف کي ننڊ جون گوريون ڏنيون هيون جيئن ته هو چڱي طرح سمهي سگهي، پر سيف علي خان کي ان ڳالهه جي خبر ئي نه هئي.
ان ڏس ۾ فلمساز ۽ هدايتڪار سورج برجاتيا هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته سندس 1999 جي فلم ” هم ساٿ ساٿ هين “ جي شوٽنگ جاري هئي.
سورج برجاتيا موجب، علي خان ننڊ جي کوٽ سبب ان پوزيشن ۾ نه هو جتي هو بهترين شوٽنگ ڪري سگهي ۽ ڪيترن ئي ري ٽيڪس کان پوءِ به هو مطمئن نه هو.
فلمساز موجب، سيف علي خان ذاتي زندگي جي لاهن چاڙهن سبب پريشان هو، جڏهن منهنجو سندس پهرين گهرواري امريتا سنگهه رابطو ٿيو ته مون کي پتو پيو ته ننڊ پوري ناهي ٿي رهي، جنهن تي مون امريتا سنگهه کي صلاح ڏني ته هوءَ سيف کي ننڊ جون گوريون ڏئي ته جيئن هو پنهنجي ننڊ پوري ڪري سگهي.
هدايتڪار موجب، امريتا سندس صلاح تي عمل ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن سيف فلم جي سيٽ تازو توانو محسوس ٿيو ۽ هن بهترين نموني اِهو سين پهرئين ٽيڪ ۾ ئي مڪمل ڪرائي وريو.
واضح رهي ته سيف علي خان ۽ امريتا سنگهه 1991 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ کين ٻن ٻارن ابراهيم ۽ سارا علي خان جو اولاد، 2004 ۾ ٻنهي جي طلاق ٿي وئي هئي.
ان کانپوءِ 2012 ۾ سيف علي خان اداڪارا ڪرينا ڪپور سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ٻن ٻارن تيمور ۽ جهانگير خان جو اولاد آهي.
You might also like