راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس کانپوءِ القادر يونيورسٽي مون وٽ اچي وئي آهي اتان جي ٻارن کي به اسڪالرشپ ڏينديس.
راولپنڊي ۾ تقريب دوران خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ملڪ کي نفرت نه، اتحاد گهرجي، ملڪ کي ڏڦيڙ نه، امن گهرجي، منهنجي دل چاهي ٿي ته ٻارن کي هٿ ۾ اسڪالرشپ ڏيان، پيٽرول بم نه،
هن چيو ته جن ٻارن کي پيٽرول بم ڏنا ويا اُهي اڄ جيلن ۾ آهن، کين پوليس تي حملا ڪرڻ جي سکيا ڏني وئي، نوجوانن کي سيکاريو ويو ته سوشل ميڊيا تي جيڪو ڏسن، ان تي اکيون بند ڪري يقين ڪن، جن کي ورغلايو ويو هو، اڄ جيلن ۾ آهن.
مريم نواز چيو ته منهنجي پيءُ 45 سال ملڪ جي خدمت ڪئي آهي، نواز شريف کي اقامه تي نيڪالي ڏني وئي، مون کي پنهنجي پيءُ سان گڏ بيهڻ جي سزا ڏني وئي.
هن چيو ته اڄ 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو آيو آهي، القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ چوري ثابت ٿي وئي، عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جيڪو چوري ڪندي سڳ سوڌو پڪڙيو ويو آهي، پي ٽي آءِ باني پهريون وزيراعظم آهي جنهن کي ڪرپشن تي سزا ٻڌائي وئي.
مريم نواز چيو ته اڄوڪي فيصلي کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ڏٺي وئي، هي شخص(عمران خان ) اڄ ساڳي ئي اڊيالا جيل ۾ قيد آهي جنهن ۾ نواز شريف ۽ مان قيد هئاسين، منهنجي سيل ۾ ڪئمرائون لڳايو ويون هيون، جيل هڪ ويلي جي ماني ڏني ويندي هئي، سٺي ڳالهه آهي منهنجو وزن گهٽجي ويو.
هن چيو ته وقت هميشه هڪ جهڙو ناهي رهندو، ان شخص کي جيل ۾ چڱو کاڌو ۽ ٻيون سهولتون ملي رهيون آهن اسان کي ڪو به اعتراض نه آهي.
مريم نواز جو چوڻ هو ته القادر يونيورسٽي سرڪاري تحويلي ۾ ڏئي ڏني وئي آهي، هاڻي اها يونيورسٽي مون وٽ اچي وئي آهي، القادر يونيورسٽي جي شاگردن کي به اسڪالرشپ ڏني ويندي.
You might also like