سون کي بريڪ نه لڳي، سوين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ مسلسل ٽئين ڏينهن سون جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون چار سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد ٻه لک ٻياسي هزار ڇهه سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 342 رپيا واڌ سان 2 لک 42 هزار 283 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو اهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون ٻه ڊالر چاڙهه بعد 2705 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.