غير قانوني طور يورپ ويندڙ 44 پاڪستانين سميت 50 ڄڻا سمنڊ ۾ ٻڏي فوت

ميڊرڊ ( م ڊ) آفريقي ملڪ موريطانيا مان غير قانوني طور اسپين ويندڙن جي ٻيڙي سان حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 44 پاڪستانين سوڌو 50 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب 86 پناهگيرن  جي ٻيڙي ٻه جنوري تي موريطانيا مان رواني ٿي هئي. مراڪشي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻيڙي ۾ ڪُل 66 پاڪستاني سوار هئا، جن مان 36 ڄڻن کي بچايو ويو آهي. انساني حقن جي تنظيم موجب 12 جنوري تي اسپين ميري ٽائم ريسڪيو کي ٻيڙي جي گمشدگي کان آگاهه ڪيو ويو هو. هوڏانهن اسپين ميري ٽائم سروس ترديد ڪندي چيو آهي ته پناهگيرن جي ٻيڙي بابت ڄاڻ نه هئي. پناهگيرن بابت تنظيم واڪنگ بارڊرز موجب سال 2024 دوران رڪارڊ 10,457 پناهگير اسپين پهچڻ جي ڪوشش ڪندي مري ويا. جن مان گھڻا ويسٽ آفريڪي ملڪن جهڙوڪ موريطانيا ۽ سينيگال کان ڪنري ٻيٽن تائين ويندي  ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي مري ويا. انساني حقن جي تنظيم موجب سمورن ملڪن جي اختيارين کي 6 ڏينهن اڳ گم ٿيل ٻيڙي بابت آگاهه ڪيو ويو هو. ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 44 پاڪستانين ۾ 12 نوجوان گجرات جا رهواسي هئا، ان کان علاوه سيالڪوٽ ۽ منڊي بهاءُ الدين جا ماڻهو به ٻيڙي ۾ سوار هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.