ڪراچي(رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ ڪابينا 195 استادن جي ڀرتي، 700 استادن جون وڌيڪ پوسٽون پيدا ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ٽرانسجينڊر لاءِ تعليمي پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا اجلاس وزير اعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف سميت سمورن لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا، انھن ۾ 195 استادن جي ڀرتي، 700 وڌيڪ استادن جون جايون پيدا ڪرڻ، تعليمي بورڊ جي ضابطن ۾ ترميمون ۽ پنهنجي خرچن تي 100 اليڪٽرڪ بسون هلائڻ شامل آهن، وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته ٽرانسجينڊر ايجوڪيشن پاليسي تيار ڪئي وڃي ۽ ڪي فور جي خريداري لاءِ سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) جي فيس تي ٽيڪس معاف ڪيو وڃي.ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ايليمينٽري اسڪول ٽيچر (بي ايس-16) جون 700 نيون پوسٽون خاص طور تي ان سروس ۽ پري سروس اميدوارن لاءِ پيدا ڪيون ويون آهن جن وٽ ٽيچنگ لائسنس آهن. انهن 700 منظور ٿيل پوسٽن مان ناڻي کاتي بجيٽ بڪ ۾ فقط 352 پوسٽن کي ظاهر ڪيو آهي تنهنڪري باقي 348 پوسٽون ان سروس ۽ پري سروس ٽيچنگ لائسنس هولڊرن کي شامل ڪرڻ لاءِ ظاهر ڪيون وينديون، 195 نون ٽيچنگ لائسنس هولڊرن جي مسئلي جي حوالي سان، ڇاڪاڻ ته انهن بهترين ٽيچنگ لائسنس ٽيسٽ پاس ڪيو آهي، ڪابينا تحريري امتحان لاءِ وقت ۾ ڇوٽ ڏني آهي، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نيشنل انرجي اينڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن (اين اِي اينڊ ٽي سي) مرحليوار عملدرآمد سان 8000 اليڪٽرڪ بسن جو ٽوٽل هدف تجويز ڪيو آهي، پهرين مرحلي ۾ پهرين سال ۾ 500 بسون (50 بسون باضابطه ڪم ڪري رهيون آهن)؛ ٻئي مرحلي جي حوالي سان ايندڙ سال 1500 بسون ۽ ٽئين مرحلي ۾ ايندڙ چئن سالن ۾ 4000-6000 بسون شامل آهن، ڪابينا ايس ايم ٽي اي ۽ اين اي ٽي سي جي وچ ۾ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ بنيادن تي هڪ معاهدي جي منظوري ڏني ته جيئن 100 اليڪٽرڪ بسن جي ڀاڙن سميت فراهمي، تعمير، آپريشن ۽ مرمت ڪئي وڃي، ڪراچي لاءِ ڪي-4 منصوبن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڪابينا 2021 کان منصوبي جي خريداري ۽ تعمير ۾ واپڊا کي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني جڏهن ته ذيلي ٺيڪيدار کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، ڪابينا فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) جي وچ ۾ ايف بي آر سسٽم کي ريسٽورنٽ ۽ ٻين شعبن ۾ صوبن جي پوائنٽ آف سيل (پي او ايس) حلن سان ضم ڪرڻ جي حوالي سان هڪ مفاهمت جي ياداشت (ايم او يو) تي صحيحن جي منظوري ڏني، سنڌ ڪابينا ريلوي وزارت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ اڌو اڌ جي بنياد تي 75 ارب رپين جي گڏيل منصوبي جي منظوري ڏني جنهن ۾ اسلام ڪوٽ (ٿر ڪوئلي) کان ڇور تائين 105 ڪلوميٽر ۽ بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين 9 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائي ويندي، سنڌ ڪابينا حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي (ايڇ اِي ڊي) جي ملازمن جي پينشن، پگهارن، سروس مراعات ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جي بقايا ادائيگين لاءِ 500 ملين رپين جي گرانٽ ان ايڊ جي منظوري ڏني، ڪابينا سنڌ رينيوئيبل انرجي ڪمپني (پرائيويٽ) لميٽيڊ جي ڊائريڪٽر (ايڊمن ۽ فنانس) ظهير عابد ميمڻ کي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.