ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موجود آئيني بئنچ جي سربراهه جسٽس ڪريم خان آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ضلعي ٺٽي جي تعلقي بنو ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ڳوٺ بنون جي رهواسي آدم سومرو وڪيل شبيع الحسين قريشي جي ذريعي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته سجاول ضلعي جي ڳوٺ بنو واري علائقي ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي غير قانوني دڪان ٺاهيا ويا آهن. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ٻيلي کاتي طرفان 8 دڪان ٺاهيا ويا آهن ۽ ڪرائي تي الاٽ ڪيا ويا آهن. هن زمين سان گڏ درخواست گذار جي زمين به آهي جتي دڪانن جي اوٽ ۾ قبضو ڪيو ويو آهي. ضلعي ٺٽي جي ٻيلي کاتي آفيسر چيو ته اها اسان جي زمين آهي، اسان ان کي جيئن چاهيون استعمال ڪري سگهون ٿا. جسٽس ڪريم خان آغا پنهنجي رمارڪس ۾ ٻيلي کاتي جي آفيسر سان مخاطب ٿيندي چيو ته اها سرڪاري زمين آهي، توهان ان کي پنهنجي مرضي مطابق استعمال نٿا ڪري سگهو. سرڪاري وڪيل چيو ته درخواست ٻڌڻي جي قابل ناهي ان کي ختم ڪيو وڃي. عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.