ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سنڌ جي سڀني ضلعن جي ضلعي اي ڊي پي اسڪيمن لاءِ مختص 120 ارب روپين جي بجيٽ مان ضلعي اي ڊي پي اسڪيمن تي خرچ ٿيل رقم سميت ضلعي اي ڊي پي اسڪيمن بابت تفصيل سنڌ جي سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کان گهري ورتا. پي اي سيءَ ضلعي اي ڊي پي اسڪيمن لاءِ پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر کي نوٽيفاءِ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. گذريل ڏھاڙي سنڌ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن مخدوم فخرالزمان، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي طاحا احمد سميت ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽري سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ضلعي اي ڊي پي اسڪيمن ۽ انهن تي خرچ ڪيل رقم بابت تفصيل فراهم نه ڪري سگهيا جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ضلعي اي ڊي پي لاءِ ڪير جوابده آهي ۽ پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر ڊپٽي ڪمشنر آهن يا کاتي جو سيڪريٽري آهي؟ ان بابت وضاحت ڪيو، اربين روپيا خرچ ٿيڻ جو معاملو آهي ان لاءِ اسان کي آڊٽ جو حساب گهرجي جيڪڏهن ضلعي اي ڊي پي اسڪيمون ڊپٽي ڪمشنر ٺاهن ٿا ته حساب به ڊپٽي ڪمشنر ڏين. ھن چيو ته آفيسرن کي کليل ڇوٽ نه ٿي ڏئي سگهجي ان لاءِ آفيسرن کي عوام جي ٽئڪس جي پئسن جو جواب ڏيڻو پوندو، پي اي سيءَ سنڌ جي سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کان ضلعي اي ڊي پي جي سڀني اسڪيمن ۽ انهن اسڪيمن لاءِ 120 ارب روپين جي مختص بجيٽ مان خرچن جا تفصيل 10 ڏينهن ۾ گهري ورتي آهن.