سائين جي ايم سيد انهن مها شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن جيئري پنهنجي تاريخ ٺهندي ڏٺي ۽ شايد هي سنڌ جو پهريون شخص آهي جنهن قومي سطح تي هر سال پنهنجو جنم ملهائجندي ڏٺو. سائين جي ايم سيد جي جيئري کيس اها جيڪا عظيم قومي مڃتا ملي تنهن جو بي شڪ سائين جي ايم سيد حقدار هو. هو اسان سنڌي قوم جو محسن هو ۽ سنڌي قوم به جيئري سندس جنم ڏينهن کي سياسي ميلن وانگر ملهائي سائين کي ڏيکاريو ته سنڌي قوم پنهنجن محسنن جا ڏينهن ميلن وانگر ملهائيندي آهي ۽ اهو نعرو هڻندي آهي ته وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو. اهو هر هر جنم ماڻڻ وارو قومي گيت سائين جي ايم سيد جي حياتيءَ ۾ به سندس سامهون ڳايو ويندو هو ته سندس دنيا مان گذر ڪرڻ کانپوءِ به هر سال 17 جنوري تي سندس سالگرهه تي وڏي جوش ۽ ولولي سان ڳاتو ويندو آهي.
اسان چوندا آهيون ته جيڪڏهن شاهه لطيف ڀٽائي سنڌي ٻولي ۾ شاعري نه ڪري ها ۽ ان دور جي سرڪاري زبان فارسي ۾ شاعري ڪري ها ته شايد هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ جو وجود ئي نه رهي ها ۽ ائين سائين جي ايم سيد جيڪڏهن سنڌي ذاتين کي ملائي هڪ سنڌي قوم وارو سياسي شعور نه ڏئي ها ۽ سنڌين جي قومي وجود جي بقا لاءِ جدوجهد نه ڪري ها ته شايد اڄ سنڌي قوم جو وجود نه هجي ها. سو شاهه لطيف ڀٽائي ۽ سائين جي ايم سيد جو سنڌ ۽ سنڌي قوم تي اهو احسان آهي جيڪو تاريخ جو حصو بڻجي چڪو آهي ۽ تاريخي طور شاهه ڀٽائي ۽ سائين جي ايم سيد کي اسان پنهنجو محسن سمجهون ٿا ۽ محسن طور سندن ڏينهن کي ميلو ڪري ملهائيندا آهيون. جيئن اڄ سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن سياسي ميلي طور ملهايو پيو وڃي.
سائين جي ايم سيد سنڌين جي قومي وجود جي بقا ۽ ماضي واري سنڌ جي سياسي ۽ جاگرافيائي حيثيت کي بحال ڪرڻ لاءِ جيڪا سياسي جدوجهد ڪئي، سنڌ ۾ جيڪي تعليمي ۽ ادبي ادارا قائم ڪيا، شاهه ڀٽائي جي شاعريءَ تي هڪ پارکو ۽ محقق طور جيڪو ادبي ڪم ڪيو، تنهن جو اسان کي نه رڳو قدر ڪرڻ گهرجي پر سندس انهن ڪمن ۽ جاکوڙ جي تسلسل کي قائم ڪرڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جي وجود مان اتساهه وٺڻ گهرجي، جيڪو وٺجي رهيو آهي خاص ڪري نوجوان نسل ۾ قومي تشخص جو جيڪو لاڙو تيزي سان وڌيو آهي، تنهن تي جيترو به شڪر ڪجي سو گهٽ آهي.
اسان کي چڱي ريت خبر آهي ته هتي تاريخي طور سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي کي ميسارڻ جي هر دور ۾ ڪوشش ٿي آهي پر شاهه ڀٽائي ۽ سائين جي ايم سيد سنڌي قوم ۾ محب وطني جو روح اوتي ان کي هميشه هميشه لاءِ بچائي ورتو آهي. سائين جي ايم سيد جو اڄوڪو جنم ڏينهن ان ڳالهه تي شڪر ادائيگي جو به موقعو ڏئي ٿو.
-
اسرائيل ۽ حماس ۾ مستقل جنگبندي ڪرايو
رپورٽون آهن ته آمريڪا، قطر ۽ مصر جي ٽياڪڙي کانپوءِ 15 مهينن کان وچ اوڀر ۾ هلندڙ جنگ کي روڪڻ لاءِ في الحال ڏيڍ مهيني جي جنگبندي جو معاهدو ٿي ويو آهي جنهن تي اسلامي برادري ۾ خوشي جي لهرڇائنجي وئي آهي. اسرائيل ۽ حماس معاهدي ۾ 6 هفتن جي شروعاتي جنگبندي جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي، ان معاهدي ۾ غزا مان اسرائيلي فوج جي مرحليوار واپسي ۽ غزا ۾ بي گهر فلسطينين جي واسي پڻ شامل آهي معاهدي تحت حماس پاران فوجي توڙي عام شهري عورتون، ٻارن سوڌو 33 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪيو ويندو. اسرائيل هر يرغمالي جي بدلي 30 فلسطيني قيدي آزاد ڪندو.
اها پنهنجي جاءِ تي سٺي ڳالهه آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين جنگ ۾ عارضي طور ڏيڍ مهيني لاءِ روڪٿام ٿي آهي پر پاڻ کي ان جي مڪمل طور تي خوشي تڏهن ٿيندي جڏهن ان جي مستقل طور جنگبندي ڪئي ويندي. اسان کي اميد آهي ته جنگبندي جو هي مرحليوار معاهدو مستقل شڪل اختيار ڪندو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي ٻيو ڀيرو چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ به چونڊ کٽڻ کانپوءِ واري پنهنجي پهرين خطاب ۾ اعلان ڪيو هو ته هو اقتدار ۾ اچي ڪري نه رڳو هلندڙ جنگين کي فوري طور ختم ڪرائيندو پر اڳتي به جنگيون ٿيڻ نه ڏيندو، جنهن جي هن اعلان جي سڄي دنيا آجيان ڪئي هئي ۽ اهو ڏسي خوشي ٿي رهي آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي منصب تي ويهڻ کان اڳ ئي عارضي جنگبندي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. هاڻي جڏهن هو هن مهيني جي 20 جنوري تي صدارتي عهدي جو حلف کڻندو ته ان ڏينهن اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جنگ رڪيل هوندي.
اسان به بنيادي طور تي دنيا اندر امن کي ڏسڻ پسند ڪندا آهيون ۽ اسان جو هميشه کان اهو خيال هوندو آهي ته دنيا جي هر مسئلي جو پهريون ۽ آخري حل ڳالهيون ئي هوندو آهي ته پوءِ ڇو نه انسانن جون هزارين جانيون ضايع ڪرڻ کان اڳ ئي ڳالهين جي واٽ وٺجي پر افسوس ته اهو سڀ سمجهڻ باوجود دنيا جا حڪمران پاڻ کي جنگين ۽ ان جي تباهين کان بچائي ناهن سگهيا ۽ نه ئي جنگين جي تباهين مان سکي سگهيا آهن.