چمبڙ (پ ر) عوامي تحريڪ طرفان چمبڙ لڳ ڳوٺ ونگي اوٺا ۾ درياهه بچايو سنڌ بچايو مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي. جنھن ۾ ڇهه نون ڪئنالن خلاف ڀرپور نعريبازي ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته 25 جنوري تي ڪئنالن خلاف چمبڙ ۾ ريلي ڪئي ويندي. مچ ڪچهري ۾ چيو ويو ته نون ڪئنال ۽ ڊيمن سميت سنڌو تي ڪو به ڪٽ برداشت نه ڪبو. مچ ڪچهري کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، مرڪزي اڳواڻ عبدالرحمان سمون، خليل اوٺو، امير بخش جروار، ساگر يوسف ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌو تي نوان ڪئنال ٺاهي درياهه جو قتل ڪيو پيو وڃي. سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو واحد ذريعو آهياڳواڻن وڌيڪ چيو ته وفاقي وزير احسن اقبال سنڌ ۾ اچي ڪينالن جي حمايت ڪري سنڌي قوم جي جذبن، امنگن، احسان کي مجروح ڪيو آھي.