سنڌ هن وقت انتهائي مشڪل صورتحال مان پئي گذري:قادر مگسي

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پاران سانا اڳواڻ مقبول هاليپوٽو، علي خاصخيلي،  جمال ناصر، اعجاز ترڪ، خليل ميمڻ، ستار هاليپوٽو، غفار سومرو،  جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو ويو. مانجهاندي دوران سانا اڳواڻن ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي جي وچ ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ  ٿي. ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ هن وقت انتهائي مشڪل صورتحال مان گذري آهي. سنڌي عوام کي متحد ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي. سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو سنڌو درياءِ آهي جنهن کي کسڻ جي لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته سنڌو ءَتي ڪئنال ٺاهڻ سنڌ کي موت جي وادي ۾ تبديل ڪرڻ ٿيندو. جنهن کي سنڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تعليم تباھ آهي،هزارين اسڪول بند آهن.سنڌ جي تاريخ درست نه پڙهائي پئي وڃي، مانجهاندي جي تقريب ۾ ذوالفقار هاليپوٽو، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ،امتياز سمون ، محمد علي ابڙو، اعجاز سنڌي ، محمود لغاري ۽ ٻيا شريڪ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.