سنڌ کي ڀڙڀانگ ٿيڻ نه ڏينداسين:نياز ڪالاڻي

جهڏو(ن ع آ)جهڏو ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ بشير خان قريشي جي سرواڻ ۽ سينئر قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي،  پنهل ساريو، نور محمد مري، اڪرم قمبراڻي، اقبال جت، درمحمد شالماني، نياز کوسو ۽ ٻين سان گڏجي تعلقي جهڏو ۾ قومي شاعر ايوب کوسو جي والده جي لاڏاڻي تي ۽ راهمان برادري جي ٻن نوجوانن جي اوچتي وڇوڙي تي عذر خواهي ڪئي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته پنجاب اسان جو پاڻي کڻي سنڌ کي ڀڙڀانگ بڻائڻ جي ڪوشش ۾ آهي هن چيو ته  سائين جي ايم سيد جي 120هين سالگرهه کي به سنڌو بچايو تحريڪ طور ملهائي رهيا آهيو هنن چيو ته اسان سيد جي واٽ جا سياسي وارث ۽عدم تشدد جي سياست جا پيروڪار آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.