راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي سخت ردعمل ڏنو آهي.آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي آرمي چيف جو پاڪستان کي دهشتگردي جو مرڪز قرار ڏيڻ حقيقتن جي ابتڙ آهي، جنرل آفيسر والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين تي انتهائي وحشياڻي جبر جي ذاتي طور نگراني ڪئي، ڀارت آرمي چيف جا ريمارڪس ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ ظلم تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي. آءِ ايس پي آر طرفان چيو ويو آهي ته اهو اندروني طور تي اقليتن تي جبر ۽ ڀارت جي عالمي جبر تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، اهڙا سياسي ۽ غلط بيان ڀارتي فوج جي سياست جي ور چڙهيل سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا، پاڪستان اهڙن بي بنياد بيانن کي سختي سان رد ڪري ٿو.
-
پارليامينٽ ميمبرن پگهارن ۾ واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ) پارليامينٽ ميمبرن پنهنجي پگهارن ۾ واڌ جو باضابطه مطالبو ڪري ڇڏيو، حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن پگهارن ۾ واڌ واري معاملي تي هڪ ٿي ويا، پارلياماني ذريعن موجب اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ۾ پارليامينٽ ميمبرن پگهارن ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو ۽ پگهارون وڌائڻ لاءِ اسپيڪرز ڪانفرنس جي سفارشن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي ميمبرن شڪايت ڪئي ته صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جون پگهارون ۽ مراعتون اسان کان وڌيڪ آهن.اسپيڪر قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اڪائونٽس کاتي کان بجيٽ جا تفصيل طلب ڪري ورتا ۽ ان معاملي تي وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو يقين ڏياريو.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حڪومت جي رضامندي تي قومي اسيمبلي ۾ پگهارون وڌائڻ وارو بل پيش ڪيو ويندو، هن وقت ايم اين ايز جي پگهار 1 لک 85 هزار رپيا ماهوار آهي.