حڪمران ڪئنال ۽ زمينن تي قبضا ڪري ملڪ ٽوڙڻ چاهين ٿا:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) قومپرستن، سياسي اڳواڻن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن چيو آهي ته سنڌ پاڪستان کي ٺاھيو آھي، اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمران ڪئنال ۽ ڊيم ٺاھي سنڌ جي  زمين تي والار ڪري ملڪ کي ٽوڙڻ گھرن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي پاران ھاري ھلچل جي اڳواڻ ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جي ٽئين ورسيءَ جي موقعي تي ڪوٺايل پاڻي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا 7 ڪروڙ ماڻھو سنڌو درياھه تي 6 ڪئنال ڪڏھن به قبول نه ڪندا،گرين پاڪستان  انيشيٽو پروگرام جي نالي ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ۽ ڍنڍون ٻاھرين ڪمپنين کي ڏيڻ سنڌين جي پيرن ھيٺان زمين کي کسڻ آھي، ھاڻ سنڌ جي گھڻ گھرن کي گڏيل جدوجھد ڪري سنڌ جي وجود ۽ بقا لاءِ ڊگھي ويڙھه وڙھڻي پوندي، ھن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ ڄام ساقي، رسول بخش پليجي کان وٺي ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جيڪا سنڌ لاءِ جدوجھد ڪئي انھن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا،جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراھه نواز خان زنئور چيو ته ڪامريڊ رمضان خاصخيلي ھڪ آدرشي انسان ھو، سنڌو درياھه کي بچائڻ لاءِ ھڪ قوم بڻجي آواز اٿارڻو آھي. ڇو ته ڪئنال ٺھڻ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي ٿيندو، عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته سنڌ ھاري ڪاميٽي کي سرخ سلام پيش ڪيان ٿو. جنھن پنھنجي ساٿي جھوني ھاري اڳواڻ ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جي ٽئين ورسيءَ کي پاڻي ڪانفرنس جي روايت ۾ تبديل ڪيو. ھن چيو ته سنڌو درياھه کسجي ويو ته پوءِ اسان وٽ ڪجھه به نه بچندو. حڪمرانن اکيون بند ڪري ڇڏيون آھن. سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ اسان کي عام ماڻھن وٽ وڃڻو پوندو. نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته ڪامريڊ رمضان خاصخيلي ھارين ۽ پورھيتن لاءِ جدوجھد ڪئي، وفاق ۽ ان جي اڪائين جي وچ ۾ نئون سماجي معاهدو ٿيڻ گھرجي،عوامي جمھوري پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ خادم ٽالپر چيو ته سنڌ جي ماڻھن کي اکيون کولڻ گھرجي، سنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا چيو ته سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ جي رٿا تي ڪم ھلي رھيو آھي. سنڌين کي سڄاڳ ٿي اٿڻو پوندو. وطن دوست جمھوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ عرض رتڙ چيو سنڌو درياھ تي ڪوبه نئون ڪئنال سنڌ کي قابل قبول ناھي. سنڌ پنھنجن ۽ ڀوتارن کي سڃاڻي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ الطاف خاصخيلي چيو ته سنڌو درياھه تي ھڪ به ڪئنال سنڌ کي قبول ناھي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ عاشق سولنگي چيو ته ايس ٽي پي سنڌو درياھه تي 6 نوان ڪئنال ڪڏھن به قبول نه ڪندي،پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ فيصل مغل چيو ته ڪو به سنڌ دشمن منصوبو قبول ناھي، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر ۽ نامياري صحافي اقبال ملاح چيو ته ڪامريڊ رمضان خاصخيلي ان دور جي ھاري جدوجھد جو ساٿي ھو. جڏھن ھن پنھنجو پٽ غلام حسين خاصخيلي ڪامريڊ ڄام ساقي جي حوالي ڪيو ھو. ھن چيو ته سنڌ جدوجھد ۽ عمل جي ميدان ۾ کٽل ناھي. سنڌ ھر دور ۾ ھر جدوجھد ۾ پنھنجا پٽ شعوري طور ڏنا آھن. ھن چيو ته سنڌ جو ڀوتار ۽ جاگيردار نه تحريڪون سنڀالي سگھي ٿو ۽ نه وطن سنڀالي سگھي ٿو. ڀوتار ۽ جاگيردار سدائين اسٽيبلشمينٽ جي پاسي بيٺل رھيو آھي. اھو ڪڏھن به سنڌ جي پاسي ناھي بيٺو. ھن چيو ته آئون سمجھان ٿو ته تبديلي جدوجھد ۽ نتيجا سياست ڏيندي آھي. انقلاب ۽ تبديليون سياسي محاذ ۽ پارٽيون آڻينديون آھن. پر هاڻ اهو اٿي رهيو آهي ته سنڌ جي سياست يا ته ٿڪجي پئي آھي يا مزاحمت نٿي ڪري. سنڌ جا ماڻھو هاڻوڪي سياست کان گھڻو اڳتي بيٺا آھن. سنڌ جون سياسي پارٽيون عملي طور اڳيان اچن. وفاقي سياست ڪندڙ سنڌ جي مسئلن کي ڏسن. ڇو ته سنڌ انھن جي سوچ کان گھڻي اڳتي بيٺل آھي. ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد جي ڪوآرڊينيٽر غفرانه آرائين چيو ته پاڻي سنڌ جو ھن وقت اھم مسئلو آھي،ڪوبه ڪئنال قبول ناھي. اديب محسن جويو چيو ته سنڌ جا گھڻ گھرا سنڌ کي مڙني مسئلن کان ٻاھر ڪڍي سگھن ٿا،زمينون ته سنڌ جي ميرن، پيرن ۽ وڏيرن وٽ آھن. جڏھن ڪئنال ٺھيا ته پاڻي بند ٿيندو ان جو نقصان به سڀ کان وڌيڪ انھن کي ٿيندو. اھي اڃا تائين خاموش ڇو ويٺا آھن. ھن چيو ته اسان کي ون يونٽ جي دور جھڙي جدوجھد ڪرڻي پوندي ۽ سڀني کي ھڪ پيج تي اچڻو پوندو، سينيئر صحافي نعمت کھڙي چيو ته سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ ڄام ساقي، حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو ۽ ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جي جدوجھد مشعل راھه آھي،سنڌ ھر قسم جي استحصال، ڦرلٽ ۽ انتھاپسندي کي رد ڪري ٿي، ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مير عبدالڪريم ٽالپر چيو ته ايوان زراعت سنڌو درياھه تي ڪئنال ٺاھڻ خلاف تحريڪ ھلائي رھيو آھي. سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو چيو ته  اڄ سنڌ ڏکئي دور مان گذري رھي آھي،تقريب کي يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ حمز علي چانڊيو، ڪامريڊ ڄام ساقي جي پٽ سارنگ ڄام، سينيئر صحافي عبداش پنھور،  ڪامريڊ رمضان خاصخيلي يادگار ڪاميٽي جي چيئرمين غلام حسين خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري ديدار شاد گوپانگ، سنڌ ھاري ڪاميٽي جي اڳواڻ احمد نواز انقلابي ۽ ٻين خطاب ڪندي ھاري ھلچل جي اڳواڻ ڪامريڊ رمضان خاصخيلي کي ھارين جي لاءِ ڪيل جدوجھد تي زبردست لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. جڏھن ته تقريب ۾ جاني خاصخيلي، ادريس جتوئي، مجاھد عزيز، ھارون آرائين، منصور مري، ظفر ھڪڙو، اعجاز لغاري، عارف ڀٽي، ونود ڪمار، ولي محمد برھماڻي سميت ٻيا وڏي انگ ۾ موجود ھئا. راڳي مختيار وڪو ترنم ۾ گيت ڳائي ڪامريڊ رمضان خاصخيلي کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان کان اڳ سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي جي قيادت ۾ وفد حيدرآباد جي ڪينٽ قبرستان ۾ پھچي ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي دعا گھري وئي،جڏهن ته پاڻي ڪانفرنس ۾ ٺھراءُ پاس ڪندي چيو ويو ته سنڌو درياهه مان نڪرندڙ 6 ڪئنال ۽ 13 لک ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ، گورک هل ۽ هاليجي ڍنڍ تي قبضو سنڌ جي ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسڻ جي سازش آهي، ايس آءِ ايف سي ايڪٽ ختم ڪيو وڃي. سکر، گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ بدامني جي  ذميوار سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي. ڌاڙيلن، اغواخورن ۽ چورن جي سرپرستي ڪندڙ وڏيرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. سنڌ ۾ ايريگيشن قانون تحت صحيح پاڻيءَ جي ورڇ کي يقيني بڻائي ۽ پاڻيءَ جي چوريءَ کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن. ڪانفرنس ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کي خراج تحسين پيش ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته زرعي سڌارن تي عمل ڪري سنڌ جي بي زمين في خاندان کي 50 ايڪڙ زمين ڏيڻ جو قانون پاس ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.