اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شھباز شريف بجلي تي ھلندڙ گاڏين کي فروغ ڏيڻ لاءِ چارجنگ اسٽيشنز جي لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 45 سيڪڙو گھٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو وزيراعظم جي صدارت ھيٺ اليڪٽرڪ گاڏين جي پاليسي بابت اجلاس ٿيو. جنھن ۾ پاور ڊويزن اختيارين ۽ وفاقي وزير براءِ توانائي پاران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو تھ ماحولياتي بھتري جي لاءِ اليڪٽرڪ گاڏين جي استعمال جي حوصلي افزائي ضروري آھي، ان لاءِ چارجنگ اسٽيشنز جي لاءِ بجلي جي اگھن ۾ 70 روپيا في يونٽ مان گھٽائي 40 روپيا ڪيو پيو وڃي. وزيرا پاور ڊويزن اجلاس کي ٻڌايو تھ چارجنگ اسٽيشنز جي لاءِ 39 روپيا 70 پيسا جو ٽيرف نيپرا جي منظوري بعد لاڳو ٿيندو.وزيراعظم جي صدارت ھيٺ انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان اجلاس بھ ٿيو. جنھن ۾ ٻڌايو ويو تھ جون 2023 کان ڊسمبر 2024 تائين انساني اسمگلنگ جي واقعن ۾ ڪيترائي انساني اسمگلر گرفتار ٿي چڪا آھن ۽ ڪيترائي سھولت ڪار سرڪاري آفيسر اھلڪار برطرف ڪيا ويا آھن، جڏھن تھ ڪيترائي تاديبي ڪاررواين کي منھن ڏئي رھيا آھن،اسمگلرن جا 500 ملين روپين کان وڌيڪ جا اثاثا بھ ضبط ٿي چڪا آھن،. ان موقعي تي وزيراعظم ايف آئي اي ۾ افرادي قوت جي ڪمي کي ترت پورو ڪرڻ جي ھدايت جاري ڪئي