اسلام آباد( بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.ناڻي واري وزارت پيٽرول ۽ ڊيزل جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 3 رپيا 47 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، نئين قيمت 256 رپيا 13 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 61 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 260 رپيا 95 پئسا في ليٽر ٿي ويندي.