سينيٽ ۾ انٽرنيٽ بند ٿيڻ جون شڪايتون،بلوچستان ۾ جبري گمشدگيون وڌي ويون: جي يو آءِ سينيٽر

اسلام آباد( م ڊ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آھي تھ بلوچستان مان ماڻھن کنڀڻ جو عمل تيز ٿي ويو آھي . غيرقانوني طور تي ماڻھن کي کنڀيو وڃي ٿو  جنھن جو الزام سيڪيورٽي فورسز مٿان لڳندوآھي. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالھائيندي هن چيو تھ ڪجھ ھفتن کان ماڻھن کي کنڀڻ وارو عمل تيز ٿي ويوآھي،احتجاجن بلوچستان جون شاھراھون  بند ڪيون وڃن ٿيون. مڇ ۾ ڪيترن ئي ڏھاڙن کان حڪومتي رٽ ناھي رھي، ۽ اھو سڀ ڪجھه وفاقي فورسز جي موجودگي ۾ ٿي رھيوآھي وفاقي حڪومت ۽وفاقي فورسز مٿان الزام لڳي رھيا آھن، بلوچستان پري ٿي رھيو آھي، صوبي جون حالتون تمام گھڻيون خراب ٿي ويون آھن.ان تي وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ ڳالھائيندي چيو تھ بلوچستان جو مسئلو ڪيترائي ڏھاڪا پراڻو آھي، پرڏيھي مداخلت  ڪنھن کان لڪل ناھي، مسنگ پرسن ڪميشن ٻيھر بڻايو ويوآھي  ۽ جيڪي ڪيس حل نھ ٿي سگھيا آھن انھن فيمليز کي 50 لک جو سپورٽ پيڪيج ڏنو آھي.وزيراعظم شھبازشريف  بلوچستان مسئلي تي  ڪابينا جي ڪميٽي  قائم ڪئي آھي،صوبائي حڪومت امن امان جي ذميوار آهي  صوبائي حڪومت ئي وفاقي فورسز کي گھرائي ٿي ان ۾ وفاقي حڪومت جو ڪردار ناھي،رياست پاڪستان کي آئين مطابق ھلڻو آھي،هن چيو ته جن جي مدت ملازمت تقريبن مڪمل ٿي وئي آھي انھن کي وقت کان اڳ  ريٽائرمنٽ ملندي، ڪنھن کي بھ قانون کان مٿانھين طريقي سان گھر نھ اماڻيو ويندو جڏهن ته آئي ٽي بابت مملڪتي وزير  شزا فاطمھ چيو آھي تھ  دنيا جي سڀ کان وڏي  سب ميرين ڪيبل پاڪستان اچي چڪي آھي جنھن سان اميد آھي تھ انٽرنيٽ جو مسئلو حل ٿي ويندوسينيٽ جي اجلاس ۾ ملڪ اندر انٽرنيٽ جي سست رفتاري جون شڪايتون، وزارت آئي ٽي  اينڊ ٽيليڪام  پاران سينيٽ ۾ تحريري جواب داخل ڪرايو ويو، تحريري جواب ۾ چيو ويو آھي تھ پي ٽي اي  مطابق پھرين جولائي کان 31 ڊسمبر تائين انٽرنيٽ  سروسز خرابي يا تعطل جي 1015 شڪايتون مليون. سست انٽرنيٽ  جي شڪايت باوجود  آئي سي ٽي برآمدات  ۾ اضافو ڏٺو ويو. سينيٽر اسلم ابڙو جو چوڻ ھيو تھ انٽرنيٽ  ٺيڪ نھ پيو ٿي جنھن سان  واپارين ۽ شاگردن کي تمام گھڻو نقصان ٿي رھيوآهي. وزير مملڪت  شزافاطمھ چيو  تھ انٽرنيٽ اسپيڪٽرم  جي ڪري مسئلو ٿيوآھي ، 500 ميگا ھرٽز  اسپيڪٽرم  وٺي رھيا آھيون  ان جي وڌڻ سان اسپيڊ بھتر ٿيندي،سينيٽر انوشا رحمان چيو ته جيڪڏهن اسان کي اسپيڪٽرم ڏيڻو آهي ۽ ان جي استعمال تي پابندي لڳائڻي آهي ته ان جو فائدو ناهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.