ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي واسين کي ٿڌ جي ايندڙ لهر کان خبردار ڪري ڇڏيو.
سڄي ملڪ ۾ جتي ٿڌيون هوائون گهلي رهيون آهن، اتي ئي ڪراچي ۾ ٿڌيون هوائون گهلڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته جمعي کان ڪراچي ۾ ٿڌين هوائن جو سلسلو داخل ٿيندو، جنهن جي نتيجي ۾ ٿڌ جي لهر وڌڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ان دوران رات جو گرمي پد 12 کان 10 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
You might also like