ڪراچي (ويب ديسڪ) سنڌ حڪومت فلم، ڊراما ۽ ڊاڪيومينٽري جي صنعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ عملي قدم تيز ڪري ڇڏيا.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪانٽينٽ اينڊ پروڊڪشن اوور سائٽ بورڊ جو پهريون اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ مقامي ٽيلينٽ کي هٿي ڏيڻ، عوامي آگاهي وڌائڻ ۽ انتها پسندي خلاف بيانيو جوڙڻ لاءِ آرٽسٽن ۽ ڊراما نگارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
شرجيل ميمڻ نون ليکڪن ۽ تخليقي پروڊڪشن هائوسز لاءِ خاص قدمن جو اعلان ڪندي چيو ته انهن جي مالي مدد پڻ ڪئي ويندي ته جيئن اهي پنهنجا منصوبا مڪمل ڪري سگهن.
You might also like