اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 14 ڪروڙ رپين جي غلط ورهاست جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڊپٽي چيئرمين سيدال خان جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ۾ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 8 هزار 747 بي ضابطيون رجسٽرڊ ٿيون.
هن ٻڌايو ته بي آءِ ايس پي ۾ بي ضابطين ۾ پيسا ضايع نه ٿيا پر ان جي رڪوري ڪئي وئي آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 14 ڪروڙ رپيا غلط ورهايا ويا هئا، جيڪي واپس ورتا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مالياتي غبن تي ايڪشن ورتو ويو آهي، گذريل 5 سالن ۾ بي آءِ ايس پي ۾ 14 ڪروڙ کان وڌيڪ جو غبن ٿيو ۽ تقريبن 7 ڪروڙن کان وڌيڪ رقم واپس ڪرائي وئي آهي.
اعظم نذير تارڙ چيو ته 12 يا 14 سئو ارب رپيا ورهائڻ دوران 14 ڪروڙ رپين جو غبن اوترو وڏو مسئلو ناهي، ان ۾ سستي به ٿي آهي، ايڏي وڏي رقم جي مقابلي ۾ 14 ڪروڙ رپين جي شرح انتهائي گهٽ آهي.
You might also like