وڏي وزير جي جهاز ۾ فيملي سان گڏ سفر ڪرڻ آفيسرن کي مهانگو پئجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه جي جهاز ۾ فيملي سان گڏ سفر ڪرڻ آفيسرن کي مهانگو پئجي ويو ۽ ٻنهي آفيسرن کي معطل ڪيو ويو.
مراد علي شاهه جي سرڪاري جهاز ۾ فيملي سان گڏ سفر ڪندڙ آفيسرن کي ڳچي ۾ پئجي ويو ۽ 17هين گريڊ جي ٻنهي آفيسرن کي معطل ڪيو ويو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب معطل ٿيندڙ آفيسرن ۾ 17 پي ايم ايس ڪيڊر جو سيڪشن آفيسر وي آءِ پلائٽ سيد فراز علي ۽ سنڌ هائوس جو پروٽوڪول آفيسر واجد شاهه شامل آهن، ٻئي آفيسر وڏي وزير جي سرڪاري جهاز ۾ اسلام آباد کان ڪراچي آيا.
ان حوالي سان چيف سيڪريٽري چيو ته وڏي وزير جو سرڪاري جهاز ٽيسٽ فلاءِ طور اسلام آباد کان ڪراچي اچي رهيو هو ۽ ڄاڻايل ٻنهي آفيسرن بنا اجازت جي فيملي سان گڏ سفر ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.