لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو.
ذريعن موجب پهرين ٽيسٽ ۾ آسٽريليا جو راڊني ٽڪر ۽ انگلينڊ جو رچرڊ ڪيٽلبرو آن فيلڊ امپائر هوندا، آسٽريليا جو پال رائفل ٿرڊ امپائر ۽ فيصل آفريدي فورٿ امپائر هوندا.
ٻي ٽيسٽ ۾ پال رائفل ۽ راڊني ٽڪر آن فيلڊ امپائر جي ذميواري نڀائيندا، رچرڊ ڪيٽلبرو ٿرڊ امپائر ۽ راشد رياض قمر فورٿ امپائر جي ذميواري نڀائيندا.
سريلنڪا جو رنجن مدوگالي آءِ سي سي ميچ ريفري هوندو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 17 جنوري ۽ ٻي ميچ 25 جنوري کان کيڏي ويندي، ٻئي ميچون ملتان ۾ ٿينديون.
You might also like