ماهرا خان وهاج علي جي هيروئن بڻجڻ لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيس) پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا ماهرا خان ۽ اداڪار وهاج علي جي مداحن لاءِ سٺي خبر سامهون اچي وئي، ڇو ته ٻئي ننڍي اسڪرين تي گڏ نظر ايندا.
بلاڪ باسٽر ڊرامي ”تيري بن“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ وهاج علي اڄڪلهه مايا علي سان گڏ ”سن ميري دل“ ڊرامي ۾ نظر اچي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ هو ٽاپ ڪلاس جي اداڪارا ماهرا خان سان گڏ ڪم ڪندي نظر ايندو.
واضح رهي ته ماهرا خان آخري ڀيرو نجي ٽي وي چينل جي ڊرامي ”هم ڪهان ڪي سچي ٿي“ ۾ نظر آئي هئي.
ڊائريڪٽر حسام حسين طرفان ڪيل هڪ پوسٽ موجب ماهرا خان ننڍي اسڪرين تي وهاج علي سان گڏ رومانس ڪندي نظر ايندي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ان پوسٽ ماهرا ۽ وهاج جي مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو آهي ۽ واهپيدار ان نئين جوڙي کي ڏسڻ لاءِ پرجوش آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.