اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊي چوڪ احتجاج جي 13 ڪيسن ۾ بشريٰ بي بي جون ضمانتون منظور ڪري ورتيون، اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ڊي چوڪ احتجاج جي 13 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران بشريٰ بي بي ۽ سندس وڪيل پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران وڪيلن پاران بشريٰ بيبي کان سادي ڪاغذ تي صحيح ۽ آڱوٺو لڳائڻ تي جج ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هر جاءِ چون ٿا وي آءِ پي پروٽوڪول ملي، ائين نٿو ٿي سگهي، مان اوهان کي انتظار نه ڪرايو، مان فيصلو لکي رهيو هئس پر اهو ڇڏي اوهان جي ضمانتن تي ٻڌڻي ڪئي، جڏهن عدالتي حڪم نامو جاري ٿيندو ان تي جوابدار جي صحيح ۽ آڱوٺو لازمي لڳندو، عدالت ۾ ٻڌايو ويو ته بشريٰ بي بي خلاف ڊي چوڪ احتجاج بابت اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن ۾ 13 ڪيس داخل آهن، سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ 3، مارگلا ٿاڻي ۾ 2 ۽ ڪراچي ڪمپني ٿاڻي ۾ 2 ڪيس داخل آهن، ان کانسواءِ رمنا ٿاڻي ۾ 2، ترنول، ڪوھسار، آبپارا، ۽ کنا ٿاڻي هڪ هڪ ڪيس داخل آهي، عدالت 5،5 هزار رپين جي مچلڪن عيوض بشريٰ بي بي جون 7 فيبروري تائين عارضي ضمانتون منظور ڪري ورتيون، عدالت پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي تي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، ڊي چوڪ احتجاج جي عبوري ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي دوران عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي ۽ جج طاهر عباس سپرا وچ ۾ مڪالمو ٿيو، جتي جج چيو ته وقت لڳو آهي پر قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن، بشريٰ بييبي چيو ته ڪو مسئلو ناهي، پر هنن جو عدالتن تان اعتماد کڄي چڪو آهي. جنهن تي جج طاهر عباس جواب ڏنونه ائين ناهي هر جاءِ تي اعتماد ختم نه ٿيو آهي، انصاف جو نظام جيئن به آهي، پر جيڪڏهن اهو ختم ٿيو ته سوسائٽي ختم ٿي ويندي، بشريٰ بي بي وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني سان جيڪو ٿيو، ان کانپوءِ قانون تي يقين ختم ٿي ويو آهي، ٽرائل دوران ججن کي بيمار ٿيندي ۽ ڏڪندي ڏٺو آهي، هڪ جج جو بلڊ پريشر 200 تائين هليو ويو پر کيس اسان کي سزا ٻڌائڻي هئي ۽ اِها ٻڌائي، هن چيو ته ملڪ ۾ قانون ته آهي پر انصاف نه آهي، پي ٽي آءِ باني آئين جي بالادستي لاءِ جيل ۾ قيد آهي. ان تي جج طاهر عباس سپرا چيو اسان سڀني کي گڏجي ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، ان کانپوءِ جج بشريٰ بيبي کي هدايت ڪئي ته هوءَ سمورن ڪيسن جي جاچ ۾ شامل ٿئي، جنهن بعد بشريٰ بي بي دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان اڊيالا سينٽرل جيل رواني ٿي وئي.