بنگلاديشي فوج جي اسٽاف آفيسر پاران پاڪستان جو دورو، آرمي چيف سان ملاقات

راولپنڊي ( م ڊ )آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان بنگلاديش آرمڊ فورسز جي پرنسپل  اسٽاف آفيسر ليفٽيننٽ جنرل قمر الحسن وفد سان گڏ جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ خطي ۾ اڀرندڙ سڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آرمي چيف ڏکڻ ايشيا ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت کي ورجايو ۽ چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل تعاون تي ٻڌل دفاعي قدمن ذريعي علائقائي سلامتي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ٻه طرفي دفاعي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ پائيدار ڀائيواري کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ليفٽيننٽ جنرل قمر الحسن پاڪ فوج جي غير معمولي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي عظيم قربانين کي ساراهيو.بنگلاديش جي هٿياربند فوج جي پرنسپل اسٽاف آفيسر ليفٽيننٽ جنرل قمر الحسن هڪ وفد سان گڏ پاڪستان جو دورو ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل قمر الحسن چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ ٻه طرفي دفاعي سهڪار ۽ اسٽريٽجڪ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي دفاعي سهڪار وڌائڻ جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.