اسلام آباد(م ڊ) وفاقي ڪابينا 14 (آءِ پي پيز) انڊيپينڊنٽ پاور پروڊيوسرز سان نظرثاني ٿيل معاهدن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، آءِ پي پيز سان نظرثاني ٿيل معاهدن سان حڪومت کي 1.4 کرب رپين جي بچت ٿيندي، نون معاهدن سان قومي خزاني کي بچت ٿيڻ بعد بجلي 10 کان 11 رپيا سستي ٿيڻ جو امڪان آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 14 آءِ پي پيز سان نظرثاني ٿيل معاهدن جي منظوري ڏني وئي. نظرثاني ٿيل معاهدن موجب 14 آءِ پي پيز جي منافعي ۽ لاڳت ۾ 802 ارب رپين جي گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي، پڌرنامي موجب انهن آءِ پي پيز مان گذريل سالن جي اضافي منافعي جي مد ۾ 35 ارب رپيا ڪٽيا ويندا، آءِ پي پيز سان نظرثاني ٿيل معاهدن سان حڪومت کي 1.4 کرب رپيا ۽ ساليانو 137 ارب رپيا بچت ٿيندي، جنهن سان صارفين کي فائدو ٿيندو. پهچي ويندو، ان حوالي سان وزيراعظم چيو ته آءِ پي پيز سان نظرثاني ٿيل معاهدو وڏي ڪاميابي آهي، ان سان قومي خزاني کي بچت ٿيندي، گردشي قرض ختم ٿيندا ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، وزيراعظم آءِ پي پيز سان ڪامياب نظرثاني ٿيل معاهدن تي توانائي واري وزير کي ساراهيو، ڪابينا اجلاس ۾ پاور ڊويزن جي ٽاسڪ فورس وڌيڪ 18 آءِ پي پيز سان نظرثاني ٿيل معاهدن لاءِ تجويزون جمع ڪرايون آهن. توانائي واري وزير اويس لغاري جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس ڪابينا اجلاس ۾ تجويزون پيش ڪيون، پاور ڊويزن موجب انهن سمورين منظورين سان ايندڙ سالن ۾ صارفين کي 922 ارب رپين جو فائدو ٿيندو. هن وقت تائين 28 آءِ پي پيز سان معاهدن تي نظرثاني ڪئي وئي آهي جنهن ۾ مجموعي طور تي 1457 ارب رپيا ساليانو بچت ٿيندي، جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪابينا اينٽي نارڪوٽڪس ڊويزن کي گهرو وزارت ۽ ايوي ايشن ڊويزن کي بچاءَ واري وزارت ۾ ضم ڪرڻ جي منظوري ڏني، اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ٽاسڪ فورس 3 هزار ميگاواٽ جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي، ڪيپيسٽي چارجز جي معاملي تي وڌيڪ وڏين ڪمپنين سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، وزيراعظم حڪومتي پاور جنريشن ڪمپنين کي ڊالرن ۾ ادائيگي تي حيرت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اها ادائگي وڏو مسئلو آهي، سرڪاري بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين جو ڪهڙو ڪم آهي ته هو ڪيپيسٽي پيمينٽ وٺن، ڇاڪاڻ ته اهي سرڪاري منصوبا آهن، وزيراعظم چيو آهي ته ضلع ڪرم ۾ حالتون نارمل ٿي رهيون آهن، امن معاهدي بعد مورچا ڊاهيا پيا وڃن، خوراڪ ۽ دوائن جي سپلاءِ به پهچائي پئي وڃي، اميد آهي ته سڀ اسٽيڪ هولڊر گڏجي امن يقيني بڻائيندا، فتنه الخوارج خلاف ڏينهن رات ڪارروايون ٿي رهيون آهن ۽ اميد آهي ته انهن ڪاررواين جي نتيجي ۾ فتنه الخوارج مڪمل طور ختم ٿي ويندي، تعليمي شعبي ۾ صوبن جو اهم ڪردار آهي، وفاق کي صوبن سان گڏجي تعليمي ميدان ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته پي آءِ اي جي يورپ لاءِ فلائيٽ آپريشن بحال ٿيڻ ڪاميابي آهي، گذريل حڪومت جي هڪ وزير جي تقرير جا تباهه ڪندڙ نتيجا سامهون آيا، شڪر آهي جيڪي پابنديون لڳيون هيون سي ختم ٿيون ۽ اميد آهي جلد لنڊن لاءِ اُڏامون شروع ٿينديون،