اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته توشاخانا2 ڪيس ۾ ڏوهه جو عنصر ناهي، ٽرائل فوري بند ڪيو وڃي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي تي ڪوڙا ڪيس هلي رهيا آهن.هن چيو ته 190 ملين پائونڊ جي ريفرنس جو ميرٽ سان ڪو به تعلق ناهي.فيصل چوڌري چيو ته هو نواز شريف کان پڇندو ته سندس پٽ 9 ارب جي ملڪيت 18 ارب ۾ ڇو وڪرو ڪئي؟ حسن نواز 9 ارب کان وڌيڪ رقم ڪهڙي کاتي ۾ ورتا؟ جنهن جو جواب حڪومتي پارٽي ئي ڏيندي.هن چيو ته سوال اهو آهي ته آئوٽ آف ٽرن ڪيس ڇو هلي رهيا آهن؟ ڪيس جي ميرٽ کي ڏسڻ کانسواءِ سزا ڏيڻ ناانصافي آهي، اهو هڪ سياسي ڪيس آهي .