ننڍي عمر جي شادي واري ڪيس ۾ نينگري شيلٽر هوم حوالي

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ  ننڍي عمر ۾ شادي ڪندڙ قيوم  احمد کي گرفتار ڪري جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت نينگري فلڪ کي شيلٽر هوم موڪلڻ جو حڪم ڏيندي عمر جو تعين ڪرڻ لاءِ بورڊ جوڙي ڇڏيو،عدالت 10 ڏينهن ۾ عمر جو تعين ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي،عدالتي حڪم تي پوليس قيوم احمد کي عدالت جي ڪمري مان ئي گرفتار ڪري ورتو، عدالت ننڍي عمر ۾ شادي ڪندڙ جوڙي کي تحفظ ڏيڻ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران شادی شده جوڙو به عدالت ۾ پيش ٿيو، ان موقعي تي نينگري جا والدين به پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران قيوم ۽ فلڪ چيو ته هنن پسند جو پرڻو ڪيو آهي، سندن خلاف نينگري جي وارثن پاران اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، عدالت کان درخواست آهي ته ڪيس ختم ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻڌڻي دوران نينگري فلڪ جي ماءُ ۽ والد وڪيل معرفت موقف اختيار ڪندي چيو ته سندس ڌيءَ فرسٽ ايئر ۾ پڙهائي ڪري رهي آهي هن جي عمر به ننڊي آهي, ڌيءَ کي اغوا ڪري شادي ڪئي وئي آهي، عدالت پاران ننڍي عمر جي شادي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته دستاويزن موجب توهان جي عمر 15 سال پڙهائي ڪرڻ جي آهي، شادي ڪيئن ڪئي توهان؟  عمر جي تعين بعد ڪيس ۾ چائيلڊ ميرج جا قلم به لاڳو ٿي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.