لاهور (معظم فخر) پارليامينٽ اندر پي ٽي آءِ جي اڳواڻن پاران ڪيل هل هنگامو حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ جاري ڳالهين واري عمل کي خراب ڪري سگهي ٿو. ٻئي پاسي هڪ اهم حڪومتي عملدار جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف پاران پيش ڪيو ويندڙ ڪو به مطالبو قبول نه ڪيو ويندو. سو اشارا اهي به آهن ته خميس کان اڳ ڳالهيون ختم ٿيڻ جواعلان به ٿي سگهي ٿو، حڪومت ۽ اصل ڌرين پاران پي ٽي آءِ جا ڪي به مطالبا تسليم نه ڪرڻ جو ذهن بڻايو ويوآهي.اڳواڻ مطابق باني پي ٽي آئي پنهنجي لاءِ رليف گهرندو پر ان کي رليف به نه ملندو. اڳواڻ مطابق اگر ٽرمپ جي اچڻ بعد ڪا ٽوئٽ يا مطالبو اچي ٿو ته رياست جو فيصلو آهي ته ان کي ايبسوليوٽلي ناٽ چيو ويندو ۽ ان حوالي سان آمريڪا جي پاڪستان ۾ موجود نمائندن کي آگاهي ڏني وئي آهي.