پشاور (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته افغانستان اسان جو برادر پاڙيسري اسلامي ملڪ آهي، افغانستان سان رڳو فتنه الخوارج جي افغانستان ۾ موجودگي ۽ سرحد پار کان پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙڻ تي اختلاف آهي.
خيبرپختونخوا جي سياسي اڳواڻن سان پشاور ۾ ڳالهائيندي، آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته اسان جي پاليسي صرف ۽ صرف پاڪستان آهي، افغانستان اسان جو برادر پاڙيسري اسلامي ملڪ آهي ۽ پاڪستان هميشه افغانستان سان بهتر لاڳاپن جو خواهشمند رهيو آهي.
هن چيو ته افغانستان سان رڳو فتنه الخوارج جي موجودگي ۽ سرحد پار کان پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙڻ تي اختلاف آهي ۽ اهو اختلاف تيستائين رهندو جيستائين هو اهو مسئلو حل نه ڪندا.
آرمي چيف سياسي قيادت کي ٻڌايو ته خيبرپختونخوا ۾ڪو وڏو آپريشن ناهي ٿي رهيو ۽ فتنه الخوارج جي پاڪستان جي ڪنهن به علائقي ۾ عملداري ناهي، رڳو انٽيليجنس جي بنياد تي ٽارگيٽڊ ڪارروائي ڪئي ويندي آهي.
هن چيو ته ڇا الله جي نظر ۾ فساد في الارض هڪ وڏو گناھه نه آهي؟ رياست آهي ته سياست آهي، خدا نه ڪري رياست ناهي ته ڪجهه به ناهي، اسان سڀني کي بنا ڪنهن فرق ۽ تعصب جي دهشتگردي جي خلاف گڏجڻو پوندو، جڏهن اسان گڏجي هلنداسين ته صورتحال جلدي بهتر ٿي ويندي.
جنرل عاصم منير چيو ته انسان خطا جو گهر آهي، اسان سڀ غلطيون ڪندا آهيون، پر انهن کي قبول ڪرڻ ۽ سبق نه سکڻ اُن کان به وڏي غلطي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته عوام ۽ فوج جي وچ ۾ هڪ خاص رشتو آهي۽ ان رشتي ۾ ويڇا وڌائڻ جو ڪوڙو بيانيو بنيادي طور تي پرڏيهه مان هڪ خاص ايجنڊا ذريعي هلايو ويندو آهي.
انهن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي سڀ پارٽين جو اتفاق اتساهيندڙ آهي، پر ان تي تيزيءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو.
اسان سڀ غلطيون ڪيون ٿا پر انهن کي قبولڻ ۽ سبق نه سکڻ اُن کان به وڏي غلطي آهي: آرمي چيف
You might also like