اُهي ڪرڪيٽر جن تي پي ايس ايل فرنچائزز جي اک نه ٻڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل) ڏهين ايڊيشن جو پليئرز ڊرافٽ مڪمل ٿي ويو، ڇهن فرنچائزن پنهنجي، پنهنجي اسڪواڊ ۾ بهترين مُلڪي ۽ پرڏيهي رانديگرن کي شامل ڪري ورتو آهي.
پي ايس ايل 10 جي پليئرز ڊرافٽنگ جي تقريب لاهور جي حضوري باغ ۾ ٿي جتي فرنچائز مالڪن ۽ ٽيم مينجمينٽ پنهنجي اسڪواڊ جي جوڙ جڪ ڪئي.
آسٽريليا جي ڊيوڊ وارنر، شان ايبٽ، نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن، ڊيرل مچل ۽ فن ايلن سميت دنيا جي ناليوارا ڪرڪيٽر مختلف ٽيمن ۾ شامل ٿيا.
فرنچائز طرفان جتي ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن تي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا، اتي پاڪستاني ۽ عالمي ڪرڪيٽ جا ڪيئي مقبول چهرا اهڙا به هئا جيڪي مڪمل طور نظرانداز ڪيا ويا.
جيڪي رانديگر ڪنهن ٽيم جو حصو نه بڻجي سگهيا انهن ۾ اڳوڻو پاڪستاني ڪپتان سرفراز احمد، ڪيوي فاسٽ بالر ٽِم سائوٿي، اسپيڊ اسٽار احسان الله، جيسن روئي، ايلڪس هيلز، مجيب الرحمان، ايشٽن ايگر، ڪرس لين جا نالا شامل هئا.
ان کانسواءِ ڪوپر ڪانوولي، ڊينيل سيمز، جيسن بهرَينڊروف، مارڪ اسٽڪيٽي، موئيسز هينريڪس، عثمان خواجا، وليم سڊرلينڊ، مستفيض الرحمان، شڪيب الحسن، جوءِ ڪلارڪ، لوري ايونز، ٽائل ملز، جيمي نيشم، عمران طاهر، ريزا هينڊرڪس، تبريز شمسي، چراٿ اسالنڪا ۽ ايون لوئس کي خريدڻ ۾ به ڪنهن فرنچائز دلچسپي نه ڏيکاري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.