اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پگهار دار طبقو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ٽيون وڏو شعبو بڻجي ويو.
فيڊرل بورڊ آف ريونيو( ايف بي آر) جي دستاويز موجب، سال 2023-24 دوران پگهاردار طبقي کان 368 ارب ٽيڪس اوڳاڙيو ويو ۽ پگهاردار طبقي 2022-23 جي ڀيٽ ۾ 103 ارب 74 ڪروڙ وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪيو.
دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ سال دوران پگهاردار طبقي کان ٽيڪس اُڳاڙي ۾ 39.3 سيڪڙو واڌارو ٿيو، ڪنٽريڪٽس، بئنڪ وياج ۽ سيڪيورٽيز ٽيڪس ادائيگي ٽاپ نمبر تي آهن.
دستاويز موجب، ڪنٽريڪٽس وٽان 496 ارب ٽيڪس گڏ ٿيو ۽ ان شعبي ۾ 106 ارب کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، بئنڪن جي وياج ۽ سيڪيورٽيز جي مد ۾ 489 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙيو ويو.
بئنڪن ۽ سيڪيورٽيز جي مد ۾ ٽيڪس ۾ ساليانو بنياد تي 52.8 سيڪڙو واڌارو ٿيو، منافعي جي ورڇ تي 70 سيڪڙو واڌ سان 145 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ٿيو.
ان کانسواءِ بجلي جي بلن تي ٽيڪس اوڳاڙي ۾ 30 سيڪڙو واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ 124 ارب رپيا حاصل ڪيا ويا.
دستاويز ۾ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪيت جي خريداري تي 104 ارب، وڪرو تي 95 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ٿيو، ٽيلي فون بلز تي ٽيڪس وصولي ۾ 14.3 سيڪڙو واڌ سان اٽڪل 100 ارب جمع ٿيا، برآمدي شعبي 27.2 سيڪڙو واڌ سان رڳو 94 ارب ٽيڪس ادا ڪيو، ٻين ٽيڪس شعبن ۾ ٽيڪنڪلي فيس، ڪيش ڪڍرائڻ، ڪميشن، رٽيلرز شامل آهن.
You might also like