سردار اختر مينگل جو وڏو ڀاءُ مير ظفر الله لاڏاڻو ڪري ويو

ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اختر مينگل جو وڏو ڀاءُ مير ظفر الله لاڏاڻو ڪري ويو.  بي اين پي اڳواڻ اختر مينگل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته منهنجو وڏو ڀاءُ مير ظفرالله مينگل لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

  1. ڪراچي جي علائقي کارادر ۾ ثقافتي ورثو ڏنل عمارت ڊاهي پٽ

ڪراچي ( رپورٽر) امينا حاجياڻي بلڊنگ لڳ ڀڳ هڪ صدي پراڻي هئي، سنڌ آرڪيالاجي کاتي بلڊر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.درخواست جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ورثي واري عمارت کي ڊاهڻ جو ڪم گذريل مهيني شروع ڪيو ويو هو.درخواست جي متن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ورثي کاتي جي شڪايت تي بلڊنگ کي ٽوڙڻ وارو ڪم روڪيو ويو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ڀيرو ٻيهر عمارت کي ڪرين ذريعي ڪيرايو ويو.

  1.  ڪراچي ۾ زال کي قتل ڪندڙ جوابدار جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي (رپورٽر)جوڊيشنل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ جهيڙي دوران ڳورهاري زال کي قتل ڪندڙن جوابدار محمد حسين کي گرفتار ڪري پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو .جاچ آفيسر پاران جوابدار جي  جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي .عدالت 15جنوري تائين جوابدار کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.عدالت ايندڙ ٻڌڻي ٿي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته جوابدارکان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي.جاچ آفيسر چيو ته جوابدار ۽ مقتوله جي پسند جي شادي هئي .عورت 8 مهينن جي ڳورهاري هئي .عورت جي ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.