پاڪستان ۾ سوا ڪروڙ ڇوڪريون اسڪول نه ٿيون وڃن: ملالا يوسفزئي

اسلام آباد (م ڊ) نوبل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي چيو ته دنيا ۾ 120 ملين ڇوڪريون اسڪول نٿيون وڃن جڏهن ته پاڪستان ۾ سوا ڪروڙ ڇوڪريون اسڪول نٿيون وڃن، اسرائيل غزه ۾ سڄو تعليمي نظام تباهه ڪري ڇڏيو آهي، طالبان عورتن کي انسان نٿا سمجهن، طالبان هڪ ڏهاڪي کان تعليم جو حق کسي رهيا آهن. طالبان پنهنجن ڏوهن کي ثقافتي ۽ مذهبي جواز طور پيش ڪن ٿا، اسان کي اهو واضح ڪرڻ گهرجي ته ان ۾ ڪا به اسلامي ڳالهه ناهي، اهي پاليسيون اسلام جي تعليمات جي عڪاسي نه ٿيون ڪن. اسلام آباد ۾ ڇوڪرين جي تعليم، چئلينجن ۽ موقعن تي ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ملالا يوسفزئي  چيو ته اسان کي گڏ ڪرڻ تي مسلم ورلڊ ليگ جي مهرباني، مون پنهنجي سفر جي شروعات پاڪستان کان ڪئي ۽ منهنجي دل پاڪستان ۾ ئي آهي. ملالا يوسفزئي چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم تي نازل ٿيندڙ پهرين وحي اسان کي ياد ڏياري ٿي ته تعليم اسلام جو بنياد آهي. ، سڀني مردن، عورتن، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ اهو پيغام آهي ته هو لکڻ، پڙهڻ ۽ سکڻ ذريعي پاڻ کي بااختيار بڻائڻ جي ڪوشش ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.