اسلام آباد(م ڊ) مسلم معاشرن ۾ نياڻين جي تعليم، موقعا ۽ چئلينجز بابت ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي، ڪانفرنس جي جار ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته اسلام ۽ نياڻين جي تعليم کي بدنام ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، جاري ڪيل پڌرائي موجب رابطا اسلامي ۽ مسلم ورلڊ ليگ پاران اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن واري تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ او آءِ سي، اقوام متحده، رابطا اسلامي سميت سڄي دنيا جي مفڪرن ۽ ماهرن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ ڇوڪرين جي تعليم بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويو ۽ معاهدن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جو عزم ڪيو ويو، ڪانفرنس جي پڌرنامي ۾ چيو ويو ته مسلمان ملڪن صحيح رخ ۾ قدم کنيا آهن ۽ ڇوڪرين جي تعليم کي ساراهيو آهي ۽ چيو ته نياڻين جي تعليم صرف مذهبي نه پر معاشرتي اعتبار سان به اهم آهي، ڪانفرنس ۾ اسلامي تعليمات جي روشني ۾ تعليمي عمل کي منظم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو، پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ڪانفرنس ۾ انتهاپسند خيالن، فتوائن ۽ نظرين کي خبردار ڪيو ويو آهي جيڪي ڇوڪرين جي تعليم ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا، ڪانفرنس ۾ غربت ۽ سماجي چيلينجز وارن سماجن ۾ ڇوڪرين کي تعليمي اسڪالر ڏيڻ جي به تجويز ڏني وئي. ان کان اڳ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته عورتن جي شموليت کانسواءِ پائيدار ترقي ممڪن ناهي، ملالا يوسفزئي تعليم جي حوالي سان سڄي دنيا جي ڇوڪرين لاءِ رول ماڊل آهي، تعليم ترقي جي ڪنجي آهي، اسان جا مذهبي عقيدا به اسان کي تعليم جي اهميت کان آگاهه ڪن ٿا، ڇوڪرين جي تعليم جي واڌاري ۾ ميڊيا ۽ آءِ ٽي جو اهم ڪردار آهي، ڇوڪرين جي تعليم کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان ڪانفرنس جو انعقاد انتهائي ضروري آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ بهتر مستقبل لاءِ تعليم جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ڪانفرنس جون سفارشون ڇوڪرين جي تعليم لاءِ پاليسي سازي ۾ اهم ثابت ٿينديون، يوسف رضا گيلاني چيو ته پڙهيل لکيل عورتون هڪ پائيدار ۽ خوشحال سماج جو بنياد آهن، تاريخ اسان کي ياد ڏياري ٿي ته پڙهيل لکيل مسلمان عورتن معاشري جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان ڇوڪرين جي تعليم لاءِ پرعزم آهي، جيستائين پاڪستان جي هر ڇوڪريءَ کي سکڻ جو موقعو نه ٿو ملي، تيستائين نه روڪينداسين، جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ عورتن جي تعليم جي چئلينجز ۽ مسلم سوسائٽيز ۾ موقعن جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس وزيراعظم شهباز شريف جي ميزباني ۾ ٿي، جنهن ۾ 44 ملڪن مان 150 جي لڳ ڀڳ وفدن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس جو افتتاح وزيراعظم شهباز شريف ڪيو، افتتاحي تقريب ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهم طحه، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ٻين وزيرن شرڪت ڪئي. هئيڪانفرنس جو مقصد ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان حڪومتن، اسلامي ۽ سول تنظيمن وچ ۾ نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ آهي.