اُزبڪستان جي هڪ چڙيا گهر ۾ مڱيندي کي خوش ڪرڻ جي لاءِ شينهن جي پنڃري ۾ ويندڙ همراهه پنهنجي زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، گذريل مهيني 44 سالن جو اي ايف ايرسڪولو ازبڪستان جي هڪ چڙيا گهر ۾زوڪيپر طور ڊيوٽي ڪري رهيو هو، جنهن دوران هن مڱيندي کي متاثر ڪرڻ لاءِ ٽن شينهن وارو پڃري ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، پر شينهن مٿس حملو ڪري ڏنو، سندس رڙيون، دانهون، سُڏا آخري آواز بڻجي سندس موبائيل فون ۾ رڪارڊ ٿي ويا.
فوت ٿيل همراهه جي فون مان حاصل ڪيل ڪلپ ۾ اي ايف ايرسڪولو رات جي شينهن جي پڃري ۾ وڃي انهن کي کوليندي ۽ پوءِ مڱيندي کي مخاطب ڪندي شينهن سان ڳالهائيندي ڏٺو ويو.
پر اي ايف ايرسڪولو کي شينهن کي کولڻ مهانگو پئجي ويو، بکايل شينهن زو ڪيپر مٿان ڪڙڪي پيا ۽ پنهنجو شڪار بڻائي ڇڏيو.
ايف ايرسڪولو جي باقيات کي چئن ڪلاڪن کانپوءِ شينهن جي پڃري مان ڪڍيو ويو جنهن دوران چڙيا گهر جي انتظاميا تصديق ته ٽئي شينهن زوڪيپر کي نشانو بڻائڻ بعد چڙيا گهر مان فرار ٿي ويا جن مان هڪ کي ڳولڻ کانپوءِ گولي هڻي ماريو ويو.
پوليس موجب، زوڪيپر پڃري ۾ قيد شينهن جي سار سنڀال جو وسيع تجربو رکندڙ ۽ پنهنجي ڪم ۾ ماهر هو.
You might also like