ويسٽ انڊيز خلاف پاڪستان اسڪواڊ جو اعلان، ست تبديليون

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ويسٽ انڊيز خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڇنڇر جي ڏينهن ويسٽ انڊيز خلاف آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي ٻن ٽيسٽ ميچن لاءِ 15 رڪني جو اعلان ڪيو.
اسڪواڊ ۾ ڏکڻ آفريڪا جو دورو ڪندڙ ٽيم ۾ ست تبديليون ڪيون ويون آهن، ڪپتان شان مسعود، سعود شڪيل، بابر اعظم، ڪامران غلام، خرم شهزاد، محمد رضوان، نعمان علي ۽ سلمان علي آغا کي برقرار رکيو ويو آهي.
ان کانسواءِ آف اسپنر ساجد خان سان گڏ ليگ اسپنر ابرار احمد کي واپسي ٿي آهي، زخمي صائم ايوب ۽ آئوٽ آف فارم عبدالله شفيق جي جاءِ تي اوپنر امام الحق ۽ محمد هريره کي واپس اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
عامر جمال، محمد عباس، مير حمزا ۽ نسيم شاهه کي آرام ڏنو ويو آهي ۽ سندن جاءِ سليڪٽرن محمد علي ۽ ان ڪيپڊ ڪاشف علي کي شامل ڪيو ويو آهي.
قومي سليڪٽرن وڪيٽ ڪيپر حسيب الله جي غير موجودگيءَ ۾ پاڪستان انڊر 19 جي اڳوڻي ڪپتان ۽ شاهينز جي ڪپتان روحيل نذير کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.