ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي جي فيز ون جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايڪسپريس وي جي افتتاح لاءِ پهتو جتي هن پاڻ پنهنجي گاڏي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي تي ڊرائيو ڪئي، ان موقعي تي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ گاڏيءَ ۾ موجود هو.
بلاول ڀٽو زرداري ايڪسپريس وي تي 100 رپيا ٽول ٽيڪس پڻ ادا ڪيو ۽ ايڪسپريس وي جو تفصيلي جائزو ورتو.
افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شاهراههِ ڀٽو ٺاهڻ ۾ اسان کي ڏاڍي دير ٿي وئي آهي، اڄ کان 30 سال اڳ محترمه بينظير ڀٽو هڪ پيڪيج ڏنو هو، جنهن ۾ ان منصوبي سان گڏوگڏ لياري ايڪسپريس وي ۽ ٻيا منصوبا پڻ شامل هئا،
You might also like