ٽيڪو تلسانيا کي برين اسٽروڪ، حالت ڳڻتي جوڳي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جو مشهور ۽ مزاحيه اداڪار ٽيڪو تلسانيا برين اسٽروڪ جو شڪار ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سينيئر اداڪار ٽيڪو تلسانيا کي برين اسٽروڪ ٿيو، جنهن کانپوءِ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ان کان اڳ خبرون آيون هيون ته اداڪار کي هارٽ اٽيڪ ٿيو آهي، پر هاڻي مقامي ميڊيا تصديق ڪئي آهي ته ٽيڪو تلسانيا کي حقيقت ۾ برين اسٽروڪ ٿيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، ٽيڪو تلسانيا گجراتي فلمن جي خاص اسڪرينيگ لاءِ پروگرام واري هنڌ پهچڻ کانپوءِ الٽي آئي، جنهن بعد کيس اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن برين اسٽروڪ جي تصديق ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٽيڪو تلسانيا جي حالت نازڪ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.