اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نوبيل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي چيو آهي ته افغان عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف طالبان جي ظلم ۽ ڏوهه تي عالمي اڳواڻ طالبان کان پڇاڻو ڇو نٿا ڪن؟
وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ” مسلم ڪميونٽيز ۾ نياڻين جي تعليم، چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس شروع ٿي وئي، جنهن ۾ نوبيل انعام يافته ملالا يوسفزئي سميت ٻيا تعليمي ماهر شريڪ آهن.
تعليمي ڪانفرنس پاڪستاني حڪومت ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي گڏيل سهڪار سان ڪوٺائي وئي آهي، جنهن ۾ 45 کان وڌيڪ ملڪن مان 140 کان وڌيڪ نمائندا شرڪت ڪندا.
وزيرِاعظم پاڪستان شهباز شريف ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ مسلم دنيا عورتن کي تعليم تائين مناسب رسائي ڏيڻ ۾ اهم چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ نياڻين کي تعليم کان محروم رکڻ جو مطلب سندن آواز دٻائڻ ۽ حق نه ڏيڻ هوندو.
پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ملالا يوسفزئي لکيو ته ” پنهنجي ملڪ واپس اچي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، مان ڪانفرنس ۾ پنهنجو خطاب ڪندي ان ڳالهه کي اجاگر ڪنديس ته افغان عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف طالبان جي ظلم ۽ ڏوهه تي عالمي اڳواڻ طالبان کان پڇاڻو ڇو نٿا ڪن؟ “
Prev Post
You might also like