لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪيلفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ لڳل خوفناڪ باهه تي پنجين ڏينهن به ضابطو نه اچي سگهيو، باهه سبب فوتين جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آهي.
آمريڪي شهر لاس اينجلس جي ٻيلي ۾ لڳل باهه رهائشي علائقن کي به وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو.
برطانوي خابرو اداري موجب، باهه سبب ٿيل تباهي بعد لاس اينجلنس جو پيسيفڪ پيليسيڊز جو علائقو هيرو شيما تي ايٽمي حملي بعد جا منظر پيش ڪرڻ لڳو آهي.
لاس اينجلس ۾ لڳل هن خوفناڪ باهه کي هاڻي آمريڪي تاريخ جي سڀ کان مهانگي آفت قرار ڏنو پيو وڃي.
باهه سبب نقصان جو شروعاتي ڪاٿو 150 ارب ڊالر تائين لڳايو ويو آهي، باهه سبب 6 هزار کان وڌيڪ گهر ۽ عمارتون تباهه ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته 5 هزار گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي.
باهه سبب انشورنس انڊسٽري کي لڳ ڀڳ 8 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان پهتو.
ميڊيا رپورٽس موجب، بدترين باهه اڃان تائين وسامي ناهي سگھي، باهه سبب 12 هزار گھر ۽ عمارتون سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته 2 لک کان وڌيڪ وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آهن.
مقامي عملدارن جو چوڻ آهي ته نقصان جو شروعاتي ڪاٿو تقريبن 150 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته سڙي فوت ٿيلن جو انگ 11 ٿي ويو جيڪو پڻ وڌڻ جو خدشو آهي.
پيسيفڪ پي لي سيڊس جو علائقو باهه سبب تمام گھڻو متاثر ٿيو آهي انهيءَ علائقي ۾ هالي ووڊ جي اي لسٽرز ۽ ارب پتي ماڻهن جا گهر آهن.
ڪِم ڪارڊيشن سميت ڪيئي هالي ووڊ اسٽار اربن جي ماليت جا گھر خالي ڪري ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ ڦرلٽ جا واقعا پڻ رپورٽ ٿيا آهن.
صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ عملدارن پيلي سيڊس ۽ ايٽون جي علائقن ۾ رات جي وقت ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو، هوا جي گھٽ دٻاءُ سبب فائر فائٽرز کي باهه تي ضابطو آڻڻ ڻ ڪجهه حد تائين ڪاميابي پڻ ملي آهي.
ڪيليفورينا جي گورنر گيون نيوسم پاڻيءَ جي کوٽ سبب باهه وسائڻ واري عمل ۾ پيش مشڪلاتن جي اطلاعن کانپوءِ معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.
رياست جي گورنر نيوسم استعيفى گھرڻ واري ڊونلڊ ٽرمپ کي متاثر رياست جو پاڻ اچي جائزو وٺڻ لاءِ دعوت ڏني آهي.
” لاس اينجلس ۾ باهه هيروشيما تي ايٽمي حملي کانپوءِ جي تباهيءَ جا منظر پيش ڪرڻ لڳي“
You might also like