ڪراچي (ويب ڊيسڪ )پيپلز پارٽي وفاقي وزير احسن اقبال جي سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ بابت سنڏ جي اعتراضن ۽ بحث کي بي بنياد قرار ڏيڻ توڙي ڪوبه صوبو ٻئي صوبي جو پاڻي نه کڻڻ واري موقف کي رد ڪندي وفاق جو ڪمزور موقف قرار ڏئي ڇڏيو.
وفاقي سرڪار ۽ وفاقي وزير احسن اقبال جي تڪراري ڪينالن واري معاملي تي ڀرپور جواب ڏيندي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي نون ڪينالن واري معاملي ۽ پاڻي جي 1991ع واري معاهدي تي عمل نه ڪرڻ بابت وفاق اڳيان سوال اٿاري ڇڏيا.
جاري ڪيل بيان نثار احمد کهڙي چيو ته ڇا پنجاب وٽ ايترو پاڻي آهي جو چولستان ڪئنال کي ڀري سگهي، اضافي پاڻي ناهي ته وفاق نون ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان آڻيندو؟.
هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ احسن اقبال 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت صوبن جي پاڻي جو حصو مقرر ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن پر سوال اهو آهي ته ڇا 1991ع واري پاڻي معاهدي تي مڪمل عمل ٿي رهيو آهي؟.
سندس چوڻ هو ته ته1991ع واري پاڻي واري معاهدي تي عمل نه ٿي رهيو آهي ۽ معاهدي تحت پاڻي جي ورڇ پيرا ٽو تحت نه ٿي رهي آهي، وفاقي حڪومت اهو ٻڌائي ته سنڌ جي پاڻي ورهاست ٿري ٽيئر فارمولا تحت ٿيڻ تي اعتراض آهي ته پوءِ پاڻي جي ورهاست پيرا ٽو تحت ڇو نه ٿي رهي آهي.
نثار احمد کهڙي چيو ته احسن اقبال صاحب، جيڪڏهن ڪو صوبو ٻئي صوبي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي ته پوءِ تونسه کان گڊو بئراج تائين پمپنگ مشينون لڳائي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڪيئن چوري ڪيو پيو وڃي؟
نثار احمد کهڙي چيو ته وفاقي حڪومت آئين جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي؟، احسن اقبال صاحب، ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان به نواز شريف ڪيو هو، پر سنڌ جو ردعمل به اوهان ڏٺو ۽ ن ليگ حڪومت کي ڪالاباغ ڊيم تان هٿ کڻڻو پيو.
پ پ سنڌ جي صدر چيو ته سنڌ کي نون ڪينالن جو منصوبو قبول ناهي، ان لاءِ وفاقي حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي عوام جو آواز ٻڌي نون ڪينال جو منصوبو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ کپي، وفاقي حڪومت پاڻي جي 1991ع واري معاهدي تي مڪمل عمل ڪري سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ کي اهميت ڏئي.
نثار احمد کهڙي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پنجاب پنهنجون غير آباد زمينون آباد ڪرڻ چاهي ٿو ته زير زمين پاڻي ڪڍو ۽ جيڪڏهن زير زمين پاڻي مٺو نه آهي ته آر او پلانٽس لڳائي ان پاڻي سان زمينون آباد ڪري.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي وزير ۽ نواز ليگ جو جنرل سيڪريٽري احسن اقبال ڪراچي ۾ ن ليگ سنڌ جي صدر بشير احمد ميمڻ سان گڏ حاجي مظفر شجراع جي رھائشگاھه تي پھچي ملاقات ڪئي، جنهن بعد پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو هو ته ڪئنالن جو بحث بي بنياد آھي، ڪو به صوبو ٻئي صوبي جو حصو نٿو کڻي سگھي، 91ع وارو پاڻي ٺاھه ن ليگ ڏنو، پاڻي جي ورچ جو هڪ شفاف انتظام آھي، پ پ سان ڪو به اھڙو اختلاف ناھي، جنهن سان اتحاد کي ڪو نقصان پهچي.