سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي عدالتي معاملو قرار ڏئي ڇڏيو.
سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف عمران خان جي آزادي کي عدالتن جو معاملو قرار ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي جو تعلق عدالت سان آهي.
سندس چوڻ هو ته بني گالا منتقلي پي ٽي آءِ باني جي خواهش آهي، آڇ جي ڳالهين ۾ صداقت ناهي، تحريڪ انصاف جو هر طريقو ناڪام ٿيو آهي.
هن چيو ته سياسي استحڪام لاءِ ڪوششون جاري آهن، ملڪي معيشيت ۾ بهتري اچي رهي آهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ امن قائم ٿي ڃي ته اسان پاڻمڀرا ٿي وينداسين.
خواجا آصف چيو ته جنهن به تحريڪ انصاف باني کي مشورو ڏنو، سندس سوچ ۾ گهٽتائي آهي، پي ٽي آءِ ملڪ ۾ تباهي ڪري وئي هئي.
Next Post
You might also like